جامع مسجد

جامع مسجد: اها مسجد جنهن ۾ جمعي جي نماز ٿئي. جامع مسجدن ۾ وڌ کان وڌ وسعت جو خيال رکيو ويندو آهي ته جيئن جمعي، جمعة الوداع ۽ عيدن تي ان ۾وڌ ۾ وڌ نمازي شريڪ ٿي سگهن. دنيا جي سڀ کان پهرين جامع مسجد مديني جي ويجهو مسجد قبا آهي، جتي رسول الله صلي الله عليه وسلم مڪي کان هجرت کان پوءِ پهريون ڀيرو جمعي جي نماز ادا ڪئي هئي.



لفظ جامع مسجدھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو